حاجي غلام حسين ڊاڪٽر

حاجي غلام حسين، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر حاجي غلام حسين ڪراچيءَ جو مشهور سياستدان ۽ ليکڪ ٿي گذريو آهي. هن 9 جولاءِ 1892ع تي جنم ورتو. حج واري ڏينهن ڄمڻ سبب سندس والدين مٿس ’حاجي‘ نالو رکيو. هن انگريزي تعليم سنڌ مدرسي ڪراچيءَ مان ورتي ۽ اتان مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد بمبئيءَ جي گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج مان 1918ع ۾ ايم. بي. بي. ايس ڪيائين، جنهن بعد ڪراچيءَ ميونسپالٽيءَ جي وارڊ نمبر 5 ۽ لياريءَ مان ميمبر چونڊيو. ان وقت انفلوئنزا جي بيماريءَ سبب دنيا ۾ لکين ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. ان مشڪل وقت ۾ ڊاڪٽر حاجي ڪراچيءَ جي مختلف علائقن: لياري ڪوارٽر، شير شاهه، گوليمار، لالو کيت ۾ غريبن جي ڪافي مدد ڪيائين. 1919ع ۾ جڏهن ڪانگريس ۽ خلافت جي تحريڪن زور ورتو ته هن انهن ۾ حصو ورتو ۽ ڪراچيءَ ۾ ٻنهي جماعتن جي ’والنٽيئر ڪور‘ جو اعزازي سيڪريٽري ٿي رهيو. بمبئيءَ ۾ پڙهڻ وقت مولانا شوڪت عليءَ جي جاري ڪيل اخبار ’خدام ڪعبه‘ ۾ به ڪم ڪيائين. ڪراچي ميونسپل اسڪول بورڊ جو به ميمبر رهيو. ڊاڪٽر حاجي مسٽر هوشنگ ڊنشا جي مدد سان ڪراچيءَ جي لياري ڪوارٽر لاءِ ميونسپالٽيءَ طرفان هڪ ’پلاٽ ڪاميٽي‘ مقرر ڪرائي، جنهن ۾ غريبن کي گهرن ٺاهڻ لاءِ عارضي پلاٽ ڏنا ويا، جن تي هزارين بلوچ، ڪڇي ۽ ٻيا غريب ماڻهو گهر اڏي اچي ويٺا.
هيءُ ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي هيلٿ ڪاميٽيءَ جو چيئرمئن به رهيو، جنهن دوران ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ زناني بيمارين بابت ڪيتريون اسپتالون کولرايائين. 1927ع ۾ ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي ميمبرشپ تان استعيفا ڏئي، ميونسپالٽيءَ جي وچڙندڙ بيمارين واري وارڊ ۾ ٿوري وقت لاءِ نوڪري ڪيائين. ان کان پوءِ لاڙڪاڻي ضلعي لوڪلبورڊ ۾ ضلعي هيلٿ آفيسر مقرر ٿيو. جنهن دوران ضلعي لوڪلبورڊ جي صدر سر شاهنواز ڀُٽي جي مدد سان لاڙڪاڻي ضلعي ۾ مختلف اسپتالون قائم ڪرائي، ڪيتريون تربيت يافته دايون مقرر ڪيائين، پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ کوهه کوٽرايائين. لاڙڪاڻي ضلعي جي ريڊ ڪراس سوسائٽيءَ جو سيڪريٽري به رهيو. 1940ع ۾ لوڪلبورڊ مان استعيفا ڏئي ڪراچيءَ ۾ خانگي اسپتال کوليائين.
ڊاڪٽر حاجي غلام حسين سٺو ليکڪ به هو. انگريزي، اردو، فارسي، عربي، گجراتي ۽ سنڌيءَ کان سواءِ مقامي ٻولين تي دسترس رکندو هو. ڪجهه ڪتاب به لکيائين. سندس ڪيترائي مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا، جن کي ڪتابي صورت ۾ ڇپايائين.
ڊاڪٽر حاجي غلام حسين 15 نومبر 1974ع تي وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1892.07.09  عيسوي

ڊاڪٽر حاجي غلام حسين ڪراچيءَ جو مشهور سياستدان ۽ ليکڪ ٿي گذريو آهي. هن 9 جولاءِ 1892ع تي جنم ورتو.


1947.11.15  عيسوي

ڊاڪٽر حاجي غلام حسين 15 نومبر 1974ع تي وفات ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شهباز شريف
جهانگير بادشاهه
عبدالحميد خان ترين
عرس ڏاهري
چنا هارون
استاد نظاماڻي
جاگيراڻي برڪت علي جسٽس
صمه حاڪم سنڌ
استاد رسول بخش ڪلهوڙو
انور سولنگي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون